سپڙ ماڙي

سپڙ ماڙي: سپڙ ماڙي سڪرنڊ تعلقي جي ديهه سپڙ ۾ آهي. سڪرنڊ کان کڏهر ويندڙ رستي تي وَر اسٽاب کان هڪ ڪچو رستو اوڀر طرف وڃي ٿو. ان رستي سان ٻن ميلن جي پنڌ تي پير دوست جو قبرستان آهي. جنهن جي سامهون سڏ پنڌ تي اتر طرف هن شهر جا دڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن وقت اهي دڙا ٻارهن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهن، جڏهن ته چون ٿا ته هنن دڙن جي پکيڙ چاليهه ايڪڙ کن هئي. جيڪا زمين بعد ۾ آباد ڪئي وئي. دڙن جي اوڀر ۾ هاڪڙي درياهه جا نشان اڄ به موجود آهن. ان جي آسپاس ڪجهه ڍنڍون ڍورا آهن، جن مان ’گجوءَ جو ڍورو‘ اڄ به موجود آهي. ان ڍوري جي ڪپ تي هڪ شهر آباد هو، جيڪو ڦٽڻ بعد زرعي زمين ۾ اچي ختم ٿي ويو. سپڙ ماڙيءَ بابت روايت آهي ته هي شهر هڪ ميربحر سردار سپڙ ڄام جو هو، جنهن جي شهر ۾ هڪ ماڙي ٺهيل هوندي هئي. جڏهن ته راڄ جا ماڻهو ڪکائن گهرن ۾ رهندا هئا. شهر جي سردار جي محلات سبب شهر تي نالو ئي ’سپڙ ماڙي‘ پئجي ويو. هڪ ٻي روايت موجب اتي هڪ راڻي حڪومت ڪندي هئي، جنهن جو هڪ واپاريءَ سان عشق هو. جڏهن سندس دوست واپار سانگي پرديس ويو ته واپس اچي نه سگهيو. ڪيترن سالن جي انتظار کان پوءِ راڻي محبوب جي ڳولا لاءِ ٻيڙيءَ تي سوار ٿي سمنڊ ڏانهن رواني ٿي ۽ وري واپس نه آئي. راڻيءَ جي وڃڻ کانپوءِ هن شهر ۾ بدامني پيدا ٿي پئي، جنهنڪري شهر تباهه ٿي ويو.
ٻنهي روايتن تي غور ڪبو ته هن شهر جي تاريخ تي ڪافي روشني پئجي سگهي ٿي. پهرين روايت موجب هن شهر جي قدامت کي مڃڻو پوندو، ڇو ته اسان جي سماج ۾ هزارين سال اڳ عورت جو معاشري جي سربراهه هئڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا. تاريخي طور سمن جي آخري دور تائين. عورت معاشري ۾ فيصلي ڪن ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. جهڙوڪ: راڻي سهنديءَ جي مدد سان چچ بن سيلائج هن خطي تي حڪمراني ڪئي. ٻاگهيءَ جي فيصلي مطابق دودي سومري کي پڳ ٻڌائي وئي. تارا ٻائي سومرا دؤر جي هڪ حڪمران رهي چڪي آهي.
ٻيءَ روايت موجب هي شهر سمن/ سومرن جي دور جو معلوم ٿئي ٿو، ڇو ته ڄام لفظ جو استعمال عام هو. هي شهر سومرن جي دور جو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ’ماڙي‘ لفظ سومرن جي شهرن لاءِ استعمال ٿيندڙ هو، جيئن ’روپا ماڙي‘ وغيره.


لفظ سپڙ ماڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو